اڄ هفتي جو آخري ڏينهن يعني آچر آهي ۽ تقريبن 90 سيڪڙو ماڻهو پنهنجن گھرن ۾ موڪل گذاري رهيا آهن، گھڻا ماڻهن آچر تي اڌ ڏينهن تائين سمهي گذاريندا آهن ته هڪ ئي ته موڪلي ملي ٿي ته ڇو جو ننڊ ڪجي.
ڪجهه ماڻهو جيڪي خوش قسمت هوندا آهن انهن جي آچر سان گڏ ڇنڇر جي به موڪل هوندي آهي، ان ڪري اهڙا ماڻهو ڪوشش ڪندا آهن ته آچر تي جلد اٿجي ۽ ڪجهه اهم ڪم ڪجن.
جتي مرد گھر جي ڪمن سميت ٻاهر جا ڪم انجام ڏئي رهيا هوندا آهن عورتون ڪچن ۾ مصروف ۽ موڪل واري ڏينهن جي مناسبت سان کاڌا پچائينديون آهن،
جتي مرد گھر جي ڪمن سوڌو ٻاهريان ڪم ڪندا رهندا آهن ته اتي وري عورتون ڪچن ۾ مصروف ۽ موڪل واري ڏينهن جي مناسبت سان کاڌا پچائينديون آهن، پوءِ ڪنهن جي گھر مهمانن جي آمد به ٿي ويندي آهي.
هونئن ته هر ڪو پنهنجي مصروفيت کي نظر ۾ رکندي موڪل جو ڏينهن گذاريندو آهي پر پوءِ به اڄ اسان اوهان کي ڪجهه مشورا ڏينداسين ته آچر جي ڏينهن ڪهڙو ڪهڙو ڪم ضرور ڪرڻ گھرجي.
1-ننڊ پوري
ڪوشش ڪريو ته آچر جي ڏينهن ننڊ پوري ڪريو ته جيئن ايندڙ ڏينهن هفتي جي پهرين ڏينهن اوهان بلڪل تازا هجو، جيڪڏهن ڇنڇر جي رات جو سمهندي دير ٿي وڃي ته آچر جي ڏينهن 10 وڳي اٿي وڃو ۽ پوءِ منجهند جو ننڊ ڪريو.
ان سان اوهان تازا رهندا، ننڊ به پوري ٿي ويندي ۽ سستي نه چڙهندي.
2-پاڻ کي وقت ضرور ڏيو
ان جو اهو مطلب آهي ته سڄي هفتي جو ٿڪ ۾ گھڻا ماڻهو پاڻ کي وساري ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجو خيال ناهن رکندا، عورتن سوڌو مرد به آچر جي ڏينهن پنهنجي چهري تي گھر ۾ تيار ڪيل ماسڪ يا فيس پيڪ ضرور لڳايو.
اهو فيس پيڪ قدرتي جزن سان تيار ڪري سگھجي ٿو، جهڙوڪ بيسڻ، ايلوويرا ڏهي وغيرا.
3-پالتو جانورن سان ضرور کيڏو
جيڪڏهن اوهان جي گھر ۾ پالتو جانور جهڙوڪ ٻلي، ڪتو وغيرا آهن ته انهن کي به وقت ڏيو، انهن سان وقت گذارڻ سان نه رڳو اوهان خوش رهندا پر انهن کي به سٺو محسوس ٿيندو، انهن کي ٻاهر پنڌ ڪرڻ لاءِ وٺي وڃو، جيڪڏهن گرمي آهي ته انهن کي وهنجاريو يا انهن جي گرومنگ ڪريو.
4-پنهنجي الماري ٺيڪ ڪري وٺو
آچر جي ڏينهن ڀلي اوهان جي الماري ۽ دراز ڪيترو ئي ٺيڪ ڇو نه هجن، ان کي هڪ ڀيرو وري سيٽ ڪري وٺو. ان سان اهو ٿيندو ته اوهان گھڻو خراب ٿيڻ کان اڳ ئي ان کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا، ان ڪري هر آچر جي ڏينهن اوهان جو گھٽ وقت لڳندو.
5-سڄي هفتي جا ڪپڙا استري ڪريو
ايندڙ هفتي آفيس، يونيورسٽي وڃڻ لاءِ ڪپڙا آچر تي ئي استري ڪري ٽنگي ڇڏيو، جيترن ڪپڙن جي ضرورت هي اوترو ڪڍو، استري ڪريو ۽ الماري ۾ ٽنگي ڇڏيو.
اهو آزمايو پوءِ ڏسو ته اوهان جو سڄو هفتو ڪيترو پرسڪون گذري ٿيو.
6-ڪنهن پراڻي دوست سان ملو
آچر تي ڪنهن دوست يا مائٽ جيڪو اوهان کي پسند هجي، ان سان ضرور ملاقات ڪريو.
ان سان اوهان جي ذهني صحت به سٺي رهندي ۽ دوستن جو احوال به خبر پوندي رهندي.
Prev Post
You might also like