ڪراچي ۾ ڪروڙين رپين جو اسمگل ٿيل ڪپڙو ۽ ٻيو سامان هٿ

ڪراچي  ( رپورٽر ) ڪراچي الله والا مارڪيٽ ۾ ڊي سي سائوٿ الطاف حسين ساريو جي اڳواڻي  ۾ ڪسٽم، رينجرز ۽ پوليس جي ڪاروائي ڪندي ڪروڙين رپين جو اسمگل ٿيل ڪپڙو ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويوڊپٽي  ڪمشنر سائوٿ ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي نگراني ۾ پاڪستان ڪسٽم، سنڌ رينجرز ۽ ضلعي ڏکڻ پوليس پاران سروسز اسپتال جي سامهون الجديد لکنو ڪپڙي مارڪيٽ ۽ الله والا مارڪيٽ ايم اي جناح روڊ تي  ڳجهن گودامن تي گڏيل آپريشن ڪيو ويو. ان ڪارروائي دوران 5 کان 6 ٽرڪن مان ڪيترائي ٽن غير قانوني اسمگل ٿيل ڪپڙو ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.برآمد ٿيل سامان غير قانوني طور تي جاپان، برطانيه، ڪوريا ۽ چين کان اسمگل ڪيو ويو،ڪارروائي دوران 4 ڏوهارين کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پاڪستان ڪسٽم جي حوالي ڪيو ويو آهي ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ الطاف حسين ساريو جو چوڻ هو ته نگران وزيراعظم پاڪستان جي هدايتن تي نان ڪسٽم پيڊ سامان ۽ اسمگلنگ خلاف ڪاروايون جاري آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.