ميڊيڪل شاگردن جي فيسن جي حوالي سان وڏو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سرڪاري، نجي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي وڌيڪ فيسن جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ تعليمي ادارن جي فيسن ۾ وڏو فرق ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي فيسن بابت قاعدا ٺاهيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن ڪاليجن جي فيسن بابت خاص ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڄاڻايل ڪميٽي نيشنل ميڊيڪل ۽ ڊينٽل اڪيڊمڪ بورڊ جي حڪم تي قائم ڪئي وئي آهي.
پي ايم ڊي سي جي ذريعن موجب پروفيسر ڊاڪٽر ضياءُ الحق 5 رڪني ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، ڪميٽي سرڪاري، نجي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي انتظاميا کان فيس اسٽرڪچر طلب ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن کان 2020 کانپوءِ فيس اسٽرڪچر طلب ڪيو ويندو، ڪميٽي انهن ڪاليجن جي فيس اسٽرڪچر جي جاچ ڪندي.
ان کانسواءِ ڪميٽي فيسن بابت سفارشون نيشنل ميڊيڪل ۽ ڊينٽل اڪيڊمڪ بورڊ کي ڏيندي، جنهن کانپوءِ انهن ڪاليجن جي فيسن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيس پاليسي بابت حتمي فيصلو نيشنل ميڊيڪل ۽ ڊينٽل اڪيڊمڪ بورڊ ڪندو، ڄاڻايل ڪاليج ساليانو 30 لک رپين تائين فيس وٺي رهيا آهن، جڏهن ته اوورسيز سيٽ تي 18 هزار ڊالرن تائين سالياني فيس وصول ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.