هينگزو (ويب ڊيسڪ ) چين جي شهر هينگزو ۾ 19 هين ايشين گيمز جي شروعات ٿي چڪي آهي، ميگا ايونٽ جي افتتاح رنگا رنگ تقريب سان ٿي.
آفيشلز ميسڪوٽ رقص ڪندي اسٽيڊيم ۾ آيا ۽ گيمز ۾ شامل سمورن مُلڪن جا دستا پنهنجي مُلڪ جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي مارچ پاسٽ ڪيو.
افتتاحي تقريب ۾ چين جي صدر شي جنگ پنگ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
ايشين گيمز ۾ 262 رڪني پاڪستاني دستو شرڪت ڪري رهيو آهي، پاڪستاني دستي ۾ 53 عورتون ۽ 137 مرد ايٿيليٽس شامل آهن.
پاڪستاني دستي جي قيادت جي ايم بشير ڪئي، پاڪستان ايشين گيمز جي 24 مختلف مقابلن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته راندين جا مقابلا اٺ آڪٽوبر تائين جاري رهندا.