شاهين آفريدي ۽ انشا جي رومانوي تصوير وائرل

قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي گهرواري انشا آفريدي سان گڏ تصوير ۽ پهريون پيغام شيئر ڪري ڇڏيو.
قومي ٽيم جو فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ شاهد آفريدي جي نياڻي انشا آفريدي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن، سندن شادي جي تقريب ڪراچي ۾، جڏهن ته وليمو اسلام آباد ۾ ٿيو.
شاهين ۽ انشا جي شادي جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جڏهن ته هاڻ شاهين آفريدي شادي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي گهرواري سان گڏ تصوير ۽ پهريون پيغام شيئر ڪيو آهي.
شاهين آفريدي سهري شاهد آفريدي سان گڏ شادي ۽ گهرواري انشا سان گڏ وليمي جي تصوير شيئر ڪئي، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.
شاهين ۽ انشا جي تصوير ۾ ٻنهي جو چهرو نظر نه پيو اچي پر انهن جا هٿ هڪٻئي جي هٿن ۾ آهن ۽ انشا جي هٿ ۾ مهندي لڳل آهي.

شاهين آفريدي ڪيپشن ۾ لکيو ته نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي سڀني جو ٿورائتو آهيان، هيءَ ڪنهن خاص انسان سان پيار، محبت ۽ خوشين جي شروعات آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.