ميلان فيشن ويڪ ۾ سعودي ماڊلز جا جلوا

ميلان (ويب ڊيسڪ) ميلان ۾ هر سال جيان هلندڙ سال به فيشن ويڪ ٿيو، خاص ڳالهه سعودي فيشن ماڊلز هالا عبدالله ۽ لاما العڪيل جي شرڪت هئي.
دبئي ۾ رهندڙ عراقي فيشن انفلوئنسر ديما الاسدي سان گڏ ٻنهي سعودي ماڊلز ميڪس مارا شو ۾ شرڪت ڪئي.
سعودي ماڊلز جي ان ورسٽائل ۽ ڪلاسيڪي انداز جي لباس واهپيدارن جو ڌيان ڇڪي ورتو.
هالا عبدالله ان موقعي تي گهري نارنگي رنگ جو لباس پهريو هو، چيلهه جي چوڌاري چمڙي جي ويڪري بيلٽ مادل جي ان لُڪ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
لاما العڪيل ڀوري رنگ جي ميڪس مارا سوٽ ۽ ناسي انڊرشرٽ سان انوکو انداز اپنايو.

العسدي اطالوي برانڊ جي لباس جي چونڊ ڪئي، جنهن ۾ هن پرنٽڊ گرين اسڪرٽ ۽ بليزر سيٽ پهريو هو.
ٽن انوکين ۽ علائقائي طرز جي فيشن اسٽارز شو ۾ لبناني بلاگرز ۽ ڪاروبار ماڻهن ڪيرن ويزن ۽ تٿالي فانج سان به ملاقاتڪئي.
مشهور برانڊ لاءِ پارٽ عرب ماڊلز نورا اٽل ۽ ايمان حمام رن وي تي ڪيٽ واڪ به ڪيو.
نورا اٽل رن وي تي گلابي ڄمو رنگ جو جمپر پهريو هو.
حمام ۽ اتال سان گڏ ڊنمارڪ جي مادل مونا توگارڊ به موجود هئي جنهن جو واسطو ترڪ، صومالي ۽ ايٿوپيا سان آهي. هن گلابي شرٽ سان گڏ گلابي ڪوٽ پهريو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.