راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ جنسي ڏاڍائي ۽ تشدد ۾ مارجي ويل فاطما ڦرڙو ڪيس جي فريادڻ شبانا ڦرڙو کي پوليس پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.
ايس ايڇ او او خانواهڻ فاطما ڦرڙو جي ڳوٺ پهچي سندس گهرڀاتين کي ڳولي ڳولي هراسان ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون.
خانواهڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او غني دايو ڪيس جي فريادڻ شبانا ڦرڙو، نديم ڦرڙو ۽ مقتول فاطما جي ٽن ڀينرن کي ڌمڪيون ڏنيون.
اهڙي واقعي بعد شبانا ڦرڙو ۽ نديم ڦرڙو دانهيو ته ساڻن سراسر ظلم ٿي رهيو آهي، ايس ايڇ او اسڪول مان ٻارن کي گهرائي اسان جي گهر آيو ۽ ڌمڪيون ڏنائين ته ڪيس تان هٿ کڻو.
مقتول فاطما ڦرڙو جي وارثن موجب ايس ايڇ او چيو ته فاطما ڦرڙو توهان لاءِ سوني جهرڪي بڻجي وئي آهي، ڪيس تان هٿ کڻو، اهڙي ريت هن کين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون.
شبانا ڦرڙو جو چوڻ هو ته هو فاطما خلاف هڪ لفظ به برداشت نه ڪندي ۽ مطالبو ڪري ٿي ته ايس ايڇ او غني دايو کي هٽايو وڃي جنهن مان اسان کي حياتي جو خطرو آهي.
(نوٽ: وڌيڪ تفصيل سڀاڻي روزاني عوامي آواز ۾ پڙهندا.)