”انشاءَ کي دماغ مان ڪڍي ڇڏ“ شاهين جي ٽوئيٽ تي حريم شاهه جو ردعمل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مشهور ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي شادي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي شاهين آفريدي پنهنجي شاديءَ کانپوءِ پيغام جاري ڪيو جننهن ۾ هن ٻه تصويرون پڻ شيئر ڪيون.

هڪ تصوير ۾ شاهين شاهه پنهنجي سهري شاهد آفريدي سان گڏ نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ٻي تصوير سندس وليمي جي آهي جنهن ۾ شاهين شاهه سندس گهرواري انشاءَ هٿ ۾ هٿ ڏئي بيٺا آهن.

شاهين آفريدي پنهنجي پيغام سندس لاءِ نيڪ خواهشون ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ لکيو ته هاڻي هڪ خاص انسان سان محبت ۽ مسڪرائڻ جي شروعات ٿي رهي آهي.

قومي ڪرڪيٽر جي پيغام تي جتي سندس ساٿي ڪرڪيٽرن ۽ مداحن ردعمل ڏنو اتي ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه به پوئتي نه رهي سگهي.

حريم شاهه شاهين آفريدي کي شادي جون مبارڪون ڏيندي چيو ته فلحال انشاءَ کي پنهنجي دماغ مان ڪڍي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.