ڪراچي (ويب ڊيسڪ) واپار بابت نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر تي عوام کي خوشخبري ڏينداسين.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ واپار بابت نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز وچ ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي گوهر اعجاز چيو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ڊالر جو اگهه گهٽيو آهي، ڪرنسي مستحڪم ٿي ته اگهه به يقيني طور گهٽ ٿيندا.
هن چيو ته پيٽرول جي قيمت گهٽ ٿي سگهي ٿي، پهرين آڪٽوبر تي پيٽرول جي اگهه جي حوالي سان عوام کي خوشخبري ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي واپاري برادري سڄي ملڪ لاءِ اهم آهي.
ان موقعي تي گورنر ڪامران ٽيسوري اڳڪٿي ڪئي ته ڊالر تيزيءَ سان اڍائي سئو رپين تائين اچي ويندو.
You might also like