اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب موسم جي پيٽرن ۾ تبديلي آئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ اڃا برساتن جو هڪ اسپيل ايندو، جنهن کانپوءِ ٿڌ جي باقاعدي طور شروعات ٿي ويندي.
اسلام آباد جي موسم تبديل ٿي رهي آهي، ڏينهن ۽ رات جو گرمي پد ۾ وڏو فرق محسوس ڪري سگهجي ٿو، موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته سياري جي منڍ ۾ برساتن جو هڪ اسپيل اچڻو آهي.
ان اسپيل کانپوءِ هڪ ٻئي اسپيل جو به امڪان آهي، جنهن سان گرمي پد ۾ وڏي تبديلي ايندي، ڊراءِ اسپيل کانپوءِ ڪوهيڙي جي سيزن شروع ٿيندي.
موسميات کاتي موجب برساتن باوجود گرمي پد ۾ فوري طور گهٽتائي جو امڪان ناهي.
هن وقت اسلام آباد جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد 21 ڊگري سينٽي گريڊ تائين هلي رهيو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ ٻه کان ٽي گريڊ گهٽجڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران گرمي پد وچولو رهندو، جڏهن ته رات جو گرمي پد گهٽجي ويندو.
You might also like