” مان ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ آهيان“ حسن علي جي وڊيو ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر شاهين آفريدي جي شادي ۽ وليمي جي تقريب جون جتي مشهور ڪرڪيٽرن جون وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن اتي ڪرڪيٽر حسن علي جي به وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.

اِها وڊيو شاهين آفريدي جي وليمي جي آهي جنهن ۾ حسن علي ٻين قومي ڪرڪيٽرن سان تقريب ۾ کِل ڀوڳ ڪري رهيو آهي.

ان دوران ڪرڪيٽر افتخار احمد ماڻهن سان ڀاڪر پائي ملي رهيو آهي، ان دوران حسن علي نوٽ ڪيو ته افتخار ساڻس ناهي مليو، جنهن تي هن افتخار کي ٻانهن کان پڪڙي چيو ته منهنجو نالو عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ اچڻ وارو آهي.

حسن علي جي جملي تي اتي ٽهڪڙو مچي ويو، افتخار حسن علي سان ڀاڪر پائيندي معذرت ڪئي ۽ چيو ته مون اوهان ڪونه ڏٺو هو.

ياد رهي ته پي سي بي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق گذريل ڏينهن ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ انجرڊ نسيم شاهه جي جاءِ تي حسن علي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.