پوليس سوشل ميڊيا تي لائيو اچي آپگهات ڪندڙ نوجوان کي بچائي ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پوليس ازدواجي تڪرار کان تنگ نوجوان جي اسٽاگرام لائيو تي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
بارتي ميڊيا موجب اهو واقعي راڄڌاني نئين دهلي ۾ پيش آيو جتي 28 ورهين جي نوجوان پنهنجي ازدواجي زندگي کان تنگ اچي آپگهات ڪرڻ جو انتهائي قدم کڻي ورتو.
پوليس ٻڌايو ته هنن کي نوجوان جي ڀاءُ طرفان ڪال آئي جنهن ۾ هن پنهنجي ڀاءُ جي انسٽاگرام تي لائيو اچي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش بابت ٻڌايو.
پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان شادي شدا ۽ هن جا ٻه ٻار به آهن پر هو گھر ۾ اڪيلو رهندو آهي.
پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي لوڪيشن ۽ ٽيڪنيڪل تفصيل حاصل ڪرڻ کان پوءِ الڪار نئين دهلي شاهدرا جي علائقي ۾ فوري ان هنڌ پهتا ۽ نوجوان کي آپگهات ڪرڻ کان روڪي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.