بي بي ايل ڊرافٽنگ فهرست جاري، پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي ڪيتري قيمت لڳي؟

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش پريميئر ليگ( بي پي ايل ) جي ايندڙ سيزن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ فهرست جاري ڪئي وئي آهي.

فهرست ۾ ڪيئي پاڪستاني رانديگرن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ رنگپور رائيڊرز بابر اعظم ۽ احسان الله سان سڌي ريت معاهدو ڪري ورتو آهي.

کلنا ٽائيگرز فهيم اشرف، فرچون بارشيل شعيب ملڪ، فخر زمان، محمد عامر ۽ عباس آفريدي کي ڊائريڪٽ سائن ڪيو.

چٽاگانگ چئلينجر محمد حارث ۽ محمد حسنين کي ريٽين ڪيو آهي، ڪوميلا وڪٽورينز محمد رضوان، افتخار احمد، زمان خان، خوشدل شاهه ۽ نسيم شاهه کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو.

اي ڪيٽيگري جي بيس پرائس اسي هزار ڊالر رکي وئي آهي ۽ ان ڪيٽيگري ۾ شان مسعود ۽ حيدر علي کي شامل ڪيو ويو آهي.

بي ڪيٽيگري جي بيس پرائس سٺ هزار ڊالرز رکي وئي آهي جنهن ۾ عثمان قادر، احمد شهزاد، اساما مير، محمد حفيظ، ياسر شاهه سعود شڪيل کي شامل ڪيو ويو آهي.

سي ڪيٽيگري جي بيس پرائس چاليهه هزار آمريڪي ڊالر مقرر ڪئي وئي، ان ۾ عثمان شنواري، شرجيل خان، شاهنواز ڏاهاڻي، ڪامران اڪمل ۽ ارشد اقبال شامل آهن.

ان کانسواءِ حارث سهيل، محمد عمران، عبدالله شفيق، عميد آصف، عامر يامين به سي ڪيٽيگري ۾ شامل آهن.

عماد بٽ، ثمين گُل، عاڪف جاويد، احمد دانيال ۽ صهيب مقصد به سي ڪيٽيگري جو حصو آهن.

ڊي ڪيٽيگري جي پرائس ٽيهه هزار ڊالر رکي وئي آهي، جنهن ۾ سلمان ارشاد، سلمان علي آغا، انور علي، احسان عادل، عرفان خان، ذيشان اشرف، حسين طلعت، ڪامران غلام، عمر اڪمل، رومان رئيس، عامر جمال، صائم ايوب، امام الحق، زاهد محمود ۽ محمد اخلاق شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.