انسٽاگرام چينلز جا نوٽيفڪيشنز بند ڪرڻ جو طريقو ڄاڻو؟

انسٽاگرام تي براڊ ڪاسٽ چينلز واهپيدارن کي تخليقڪارن طرفان نيون اپ ڊيٽس ڏيندا آهن پر واهپيدار لاڳيتو ايندڙ نوٽيفڪيشن کان پريشان به ٿي ويندا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب واهپيدار انسٽاگرام جي نون براڊ ڪاسٽ چينلز کي تنقيد جو نشانو بنايو ڇو جو هنن جي دعويٰ آهي ته نوٽيفڪيشنز هنن کي پريشان ڪري رهيا آهن.
ميٽا طرفان انسٽاگرام چينلز متعارف ڪرائڻ جي رڳو 48 ڪلاڪن بعد ئي واهيپدارن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.
تخليقڪارن وٽ پنهنجن براڊڪاسٽ چينلز ذريعي پنهنجن مداحن کي وڊيوز، ٽيڪسٽس ۽ ايتري تائين جو وائس نوٽ موڪلڻ جي صلاحيت آهي ۽ ان جا نوٽيفڪيشنز واهپيدارن کي ويندا آهن.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي سمارٽ فون ۾ انهن نوٽيفڪيشنز کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو هڪ سولو طريقو موجود آهي؟
طريقيڪار:
جيڪڏهن نوٽيفڪيشنز گھڻا اچي رهيا آهن ته انسٽاگرام انهن کي آف ڪرڻ جي صلاحيت فراهم ڪندو آهي.
سمارٽ فون تي چينلز جي نوٽيفڪيشنز کان بچڻ لاءِ پنهنجي انسٽاگرام پروفائل پيج تي وڃو ۽ مٿي ساڄي پاسي ڪنڊ ۾ ٽن سڌين لائنن تي ٽيپ ڪريو.
سيٽنگز اينڊ پرائويسي جي آپشن کي سليڪٽ ڪريو ۽ اسڪرين جي هيٺان هڪ ننڍو مينيو پاپ اپ هوندو، اهو اوهان کي هڪ نئين صحفي تي کڻي ويندو جتي اوهان ميسيجز ۽ ڪالز کي ٽيپ ڪرڻ کان اڳ نوٽيفڪيشنز جي آپشن کي چونڊيندا.
آن ۽ آف جو آپشن ان ڪري واهپيدارن پنهنجين ترجيحن موجب انهن کي استعمال ڪري سگهن ٿا.
جيڪي ماڻهو ٿورو پرسڪون وقت چاهيندا آهن اهي ڪوئيٽ موڊ جي به چونڊ ڪري سگھن ٿا جيڪي رات جي وقت يا مصروفيت جي وقتن ۾ پاڻمرادو نوٽيفڪيشنز کي خاموش ڪري ڇڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.