22 سال جيل ۾ رهندڙ قيدي آزادي جي ڏينهن فرار

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) 22 سال قيد ۾ رهندڙ روسي شهري آزادي جي ڏينهن فرار ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪامولجن ڪالونوف نالي روسي شهري ٻٽي قتل، چوري، اسلحي، ڌماڪيدار مواد رکڻ جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو.
روسي شهري جي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي رڪارڊ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار کي پهريون ڀيرو ڏوهارين کي منظم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ هن کي 1997ع ۾ جيل مان آزاد ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ 2001ع ۾ هن کي ٻيهر 22 سال جي سزا ٻڌائي وئي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روسي شهري پنهنجي آزادي واري ڏينهن جيل مان صبح جو 4 وڳي جي ويجهو غائب ٿي ويو جنهن کان پوءِ جيل جي اهلڪارن کي خبر پئي ته جوابدار جيل مان فرار ٿي ويو آهي ڇو جو هو جنهن جيل ۾ موجود هو اهو ڏوهارين لاءِ ڪالوني هئي جتي ڏوهارين کي آزاداڻي طور تي گھمڻ جي سهولت ڏني وئي هئي.
روسي اختيارين موجب ڪالوني مان ٽن ڏينهن تائين غير حاضري کي جيل مان فرار ناهي سمجهيو ويندو پر رستي مان فرار سمجهيو ويندو آهي جيڪڏهن ان دوران اهو واپس ناهي ايندو ته ان قيدي کي 4 سالن تائين قيد جي سزا ڪاٽڻي پئجي سگھي ٿي.
روسي اختيارين ٻڌايو ته 22 سالن کان پوءِ ڪامولجن ڪلونوف کي پيرول تي آزاد ڪري جبري مشقت لاءِ موڪليو وڃي ها پر هو پنهنجي آزادي جي ڏينهن فرار ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.