اڳوڻي چيف جسٽس ۽ جسٽس اعجاز الاحسن خلاف مس ڪنڊڪٽ جون شڪايتون بي بنياد قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين چيف جسٽس جي ايندي ئي سپريم جڊيشل ڪائونسل متحرڪ ٿي وئي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن خلاف مس ڪنڊڪٽ جي شڪايت بي بنياد قرار ڏني وئي آهي.
سپريم جڊيشل ڪائونسل اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن خلاف شڪايت جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
جسٽس سردار طارق مسعود ٻن ججن خلاف مس ڪنڊڪٽ جي شڪايتن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب ٻنهي ججن خلاف شڪايتون عام شهرين داخل ڪيون هيون، جسٽس سردار طارق مسعود ٻنهي شڪايتن تي قانوني راءِ ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.