تيز کاڌن پيتن سميت مختلف سببن جي ڪري هر ماڻهوءَ جي وات ۾ داڻا نڪرڻ يا ڪَٽ ۽ زخم ٿيڻ عام ڳالهه آهي پر انهن جي تڪليف ته انهن کي خبر هوندي جيڪو انهن سان منهن ڏيندو هوندو. وات ۾ جيڪڏهن ڪو زخم ٿي پوي يا داڻو نڪري پوي ته کائڻ پيئڻ عذاب بڻجي ويندو آهي. گهڻي قدر اهي داڻا پيٽ يا معدي جي گرمي جي ڪري ٿيندا آهن انڪري انهن مان ڇند ڇڏائڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو مختلف دوائون ۽ ڪريمون استعمال ڪندا آهن جيڪي اينٽي بايوٽڪ دوائون ماڻهو جي صحت لاءِ نقصانڪار پڻ هجن ٿيون. دوائن جي بدران جيڪڏهن اهي داڻا گهريلو شين سان حَل ٿي وڃن ته ٻيو ڇا گهرجي؟