شادي کان اڳ سَکڻا پُلاوَ، شادي کانپوءِ سڀ ڪجهه ابتو!

ائين ناهي ته جٿي ڪٿي يا هر ڪٽنب ۾ پر اسان جي معاشري ۾ اڄ به نوجوانن کي سڌارڻ جي لاءِ شادي ڪرائي ويندي آهي، مطلب ته مختلف مسئلن جو شڪار نوجوانن کي اهو چئي شادي ڪرائي ويندي آهي ته هن جي شادي ڪرايو پاڻهئي مسئلا حل ٿي ويندا.

جيڪڏهن ڳالهه ڪجي مسئلن ۽ ضرورتن جي آڳاٽي دور ۽ هاڻوڪي دور جي ضرورتن توڙي مسئلن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، آڳاٽي دور ۾ اهو رجحاڻ تمام گهڻو هوندو هو جو ماڻهو مختلف مسئلن مان جند ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي اولاد جي شادي ڪرائي ڇڏيندا هئا ۽ اهو گهڻي حد تائين انهن جي مرضي موجب نتيجا به ڏيندو هو. ان جو اهو مطلب ناهي ته نوجوانن جا مسئلا حل ٿي ويندا هئا پر مختلف نون مسئلن جي ور چڙهي اهي پاڻ کي پيش ٻين مسئلن کي وساري ويندو هو هاڻي به ائين ئي ٿي سگهي ٿو يا ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.