ڀارت پهرين ون ڊي ۾ آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

موهالي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پهرين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي.
موهالي ۾ آسٽريليا طرفان مليل 277 رنسن جو هدف ڀارت 8 بال اڳ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڀارتي اوپنرن شڀمن گل ۽ رتوراج گيڪواڙ 142 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، ٻئي ترتيب وار 74 ۽ 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڪپتان ڪي ايل راهول 58 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته سوريا ڪمار يادو 50 رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ آسٽريليا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 276 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڊيوڊ وارنر 52، اسٽيون سمٿ 41، جوش انگلس 45، اسٽوئنس 29، لبوشين 39 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڀارت جي محمد شامي بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 شڪار ڪيا، جنهن تي کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.