ڊولفن عقلمند جاندار ڇو آهي ۽ ان جي زندگي ڪيتري هوندي آهي؟

ماهرن طرفان چيو ويندو آهي ته ڊولفن پاڻي ۾ رهندڙ جاندارن مان سڀ کان وڌيڪ عقلمند مڇي (جاندار) آهي.
ڊولفن گوشت کائيندڙ جانور آهي، ان ڪري ان جي ڳڻپ Carnivores يعني گوشت خور جاندارن جي فهرست ۾ ڪئي ويندي آهي. ڊولفنز هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ سيٽي جهڙو آواز ڪڍنديون آهن.
ڊولفنز جون اکيون تيز هونديون آهن ۽ پاڻي ۾ موجود شين کي اهو پري کان ئي ڏسي وٺنديون آهن.
ڊولفن، انسان سان دوستاڻو رويو رکنديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو گھڻن فيسٽيولز دوران سڄي دنيا ۾ ڊولفن طرفان انسان ٽرينر جي نگران هيٺ پاڻي ۾ بال پڪڙڻ، اڇلڻ وغيرا جهڙا ڪرتب ڏيکاريا ويندا آهن. انهن ڪرتبن کي ڏسي ٻار گھڻو خوش به ٿيندا آهن.
ماهرن موجب سڄي دنيا ۾ 45 قسمن جون ڊولفنز آهن، انهن جو سڀ کان عام قسم بوٽل نوز (Bottlenose Dolphin) آهي. بوٽل نوز ڊولفن جي عمر وڌ کان وڌ 40 سال هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.