ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي حريت اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي 4 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين نظربند رکڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو.
والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کان اڳ مير واعظ عمر فاروق کي 4 آگسٽ 2019 ۾ نظربند ڪيو ويو هو.
چئن سالن جي نظربندي ختم ٿيڻ کانپوءِ مير واعظ عمر فاروق سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏنو، خطبو شروع ڪرڻ کان اڳ مير واعظ جون اکيون ڀرجي آيون، جڏهن ته ان موقعي تي مسجد ۾ هزارين ماڻهو موجود هئا.
You might also like