هي اداڪارائون اداڪاري کان اڳ ڇا ڪنديون هيون؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جون خوبصورت اداڪارائون شوبز ۾ باقاعدا انٽري ڏيڻ کان اڳ مختلف شعبن سان سلهاڙيل رهيون آهن پر جڏهن هنن کي پنهنجي اداڪاراري جي صلاحيت ڏيکارڻ جو موقعو مليو ته هنن ڪاميابيون ماڻيندي پٺتي مُڙي نه ڏٺو.
اڄ اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا ته پرينيتي چوپڙا، تاپسي پنو ۽ سوناڪشي سنها شوبز ۾ انٽري ڏيڻ کان اڳ ڇا ڪنديون هيون؟
پرينيتي چوپڙا:
بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا پرينيتي چوپڙا ادڪاري کان اڳ پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وئي هئي. پري اتي ڪافي شاپ ۾ ويٽرس ۽ ڪيشيئر جي نوڪري به ڪئي هئي. ان کان پوءِ ممبئي ۾ يش راج فلم ۾ پرينيتي چوپڙا مارڪيٽنگ انٽرن جي نوڪري ڪئي هئي ۽ اتا ئي سندس اداڪاري جي صلاحيتن کي پرکيو ويو.
سوناڪشي سنها:
سوناڪشي سنها ”دبنگ“ هيروئن بڻجڻ کان اڳ ڪاسٽيوم ڊزائنر هئي. سوناڪشي فلم ”ميرا دل لي ڪر ديکو“ (2005) لاءِ ڪاسٽيوم به ڊزائن ڪيا هئا.
تاپسي پنو:
نوجوان اداڪارا تاپسي پنو سافٽ ويئر انجينيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هن سافٽ ويئر ڊويلپر طور نوڪري به ڪئي هئي.
تاپسي آءِ فون لاءِ ”فونٽ سويپ“ (Font Swap) جي نالي سان هڪ ايپ به بڻائي هئي جنهن سان آءِ فون جي فونٽ کي تبديل ڪري سگھبو هو.
پر بعد ۾ تاپسي ماڊلنگ ۽ پوءِ اداڪاري کي پنهنجو ڪيريئر بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.