9 ضلعن ۾ سالن کان مقرر 205 آفيسر ضلعي بدر

حيدرآباد(رپورٽر) ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران حيدرآباد سميت رينج جي 9 ضلعن ۾ سالن کان مقرر 205 پوليس آفيسرن کي ضلعي بدر ڪري ڇڏيو، حيدرآباد مان 12 آفيسرن کي مختلف ضلعن ۾ بدلي ڪري ٻين ضلعن مان 31 آفيسرن کي حيدرآباد ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد جي مقرر ٿيل نئين ڊي آئي جي طارق رزاق ڌاريجو پاران رينج جي وڏي ضلعي حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ سالن کان مختلف ٿاڻن تي رهندڙ 205 انسپيڪٽرز ۽ سڀ انسپيڪٽرز کي هٽائي مختلف ضلعن ۾ بدلي ۽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڊي آئي جي حيدرآباد پاران ڌار ڌار جاري ڪيل نوٽيفڪيشنن موجب حيدرآباد ۾ سالن کان مختلف وقتن تي ٿاڻن تي مقرر ٿيندڙ 12 انسپيڪٽرز ۽ سب انسپيڪٽرز اعجاز علي لاکو، زاهد چانڊيو، نجم الدين جوڻيجو، غلام مصطفي عاقلاڻي، علي محمد بجير، حاڪم علي جلباڻي، نور محمد ٻڙرو، محمد علي کوکر، عبدالرزاق پٺاڻ، معظم علي صديقي، غلام مصطفي شيخ ۽ اصغر گوپانگ کي ضلعي بدر ڪندي بدين، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو ۽ ٻين مختلف ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڄامشورو، دادو، مٽياري، ٽنڊو الهيار، بدين ۽ ٻين ضلعن مان بدلي ڪري 31 انسپڪٽرز ۽ سب انسپيڪٽرز کي حيدرآباد ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح رينج جي مختلف ضلعن مان بدلي ڪري ڪل 205 پوليس آفيسرن کي ٻين ضلعن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، نون بدلي ٿي آيلن ۾ 21 پوليس آفيسر ڄامشورو ۾ آندا ويا آهن، ٺٽي ۾ 19، مٽياري ۾ 19، سجاول ۾ 15، دادو ۾ 42، بدين ۾ 23، ٽنڊو محمد خان ۾ 16، ٽنڊو الهيار ۾ 19 ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ 31 آفيسر کي رکيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.