ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نامور سماجي خدمتگار ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن( سگا) جي باني اڳواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو آهي ته هن جي سماجي خدمتن ۽ ڪم ۾ هن کان وڌيڪ قرباني هن جي زال ڏني آهي، هو پيرين اگهاڙو هن ڪم لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو هو ۽ ٿوري ڪم ۾ پذيرائي حاصل ڪئي ، هن چيو ته سڀني کي گذارش ڪري رهيو آهي ته هن جو ڇڏيل ڪم جتي به پهتو آهي اُن کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن وقت ملڪ ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، نوجوانن کي گهرجي ته قيادت سنڀالين، سماج مستحڪم ۽ مضبوط آهي ته سياست به مضبوط ٿيندي. هن اها ڳالهه هن جي ٻن ڪتابن ”ڪتيم ڪين ڪي ڇا ٻُڌايان“ ۽ ”ڊاڪٽر سليمان شيخ (شخصيت ڪردار ۽ خدمتون“ جي مھورت جي منعقد ٿيل تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي، جيڪا پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي حسينه معين هال ۾ منعقد ڪئي وئي. اُن موقعي تي پروفيسر اعجاز قريشي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي نوجوانن کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجن، ڊاڪٽر سليمان شيخ جي شخصيت هڪ ادارو هجڻ باوجود ٻيا ادارا جوڙيا آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا جو باني آهي پر مرڪزي اڳواڻ هن تقريب مان غائب آهن اُنهن کي هن تقريب ۾ هجڻ گهرجي ها. ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ جي نالي سان عالمي سطح جو هڪ تحقيق ڪندڙ ادارو ٺاهڻ گهرجي هو عظيم انسان آهي جيڪو عوام خاطر جيل به وڃي چڪو آهي ، ايڊووڪيٽ امان الله شيخ چيو ته ٻنهي ڪتابن ۾ ڊاڪٽر سليمان جي زندگي ۽ جدوجهد بابت جي آٿم ڪٿا لکيل آهي . اڳوڻي سيڪريٽري ڪلچر شمس جعفراڻي چيو ته سنڌ ۾ سماجي سرگرمين کي عام ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو آهي. سگا ڊاڪٽر سليمان شيخ کانسواءِ اڻ مڪمل آهي. جاويد سوز هالائي چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ اسان جو اتساهه آهي هن جو رستو روشني جو رستو آهي. سگا جي مرڪزي اڳواڻ بخش علي لاکو چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ جي وڏي ۾ وڏي اها خوبي آهي ته هن سگا ادارو ٺاهيو ۽ اُن کي ڪاميابي سان هلايو سماجي ميدان ۾ هن جو تمام وڏو قدر آهي. اعجاز خواجه چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا جهڙو ادارو ٺاهي اُن کي پنهنجن پيرن تي به بيهاريو ڇڏيو آهي . آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاهه چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ هڪ وڏو اسڪالر آهي. ڊاڪٽر سليمان نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل آهي.