چيف جسٽس عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دڪانن جي مسواڙ ۽ ملڪيت منتقلي ڪيس ۾ درخواست گذار جي وڪيل تي عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي 5 هزار رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ دڪانن جي مسواڙ ۽ ملڪيت منتقلي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت وڪيل محمد شعيب خان کان هر هر دستاويزن جو پڇيو، جنهن تي وڪيل دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
چيف جسٽس چيو ته وڪيل دستاويز ڏيکارڻ بدران عدالت جو وقت ضايع ڪيو ۽ عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، توهان جي ان عمل سان عدالت کي توهان جي اعتبار ناهي رهيو.
هن چيو ته عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي توهان تي هڪ لک رپيا ڏنڊ هڻڻ گهرجي پر عدالت وڪيل تي 5 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ۽ ڏنڊ جي رقم پنهنجي مرضي جي خيراتي اداري ۾ جمع ڪرائي رسيد ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.