ڇا اوهان فيسبڪ ۾ هنن نئين تبديلين کي محسوس ڪيو آهي؟

دنيا جي مشهور ترين سوشل ميڊيا نيٽورڪ فيسبڪ ۾ اهڙيون اهم تبديليون ڪيون ويون آهن جنهن جي خبر گھڻن ماڻهن کي ناهي پئجي سگھي، پر ڏسي ڪري به کين انهن جو اندازو نٿو ٿئي.
فيسبڪ پنهنجي لوگو ۽ ري ايڪشنز ايموجيز کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
فيسبڪ جو نئون لوگو ظاهري طور تي اڳ جهڙو ناهي پر ان ۾ هلڪي نيري رنگ جو استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايف جي پوزيشن ٿوري مختلف آهي.
ڪمپني موجب روز 2 ارب ماڻهو فيسبڪ استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ امڪاني طور تي اهو ئي سبب آهي جو لوگو کي مڪمل ري ڊزائن ڪرڻ بدران ان کي ٿورو تبديل ڪيو ويو آهي جنهن جي خبر گھڻن ماڻهن کي ناهي پئجي سگھي.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو فيسبڪ لوگو کي تبديل ڪيو هجي ائين ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي.
لوگو سان گڏوگڏ ورڊ مارڪ کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي ۽ ان لآءِ Faceboo Sans ٽائپ فيس (فونٽ) جو استعمال ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نيرو ۽ اڇو رنگ گھڻو نمايان آهي.
ڪمپني طرفان ري ايڪشنز کي به ڪجهه مختلف ڪيو ويو آهي.
فيسبڪ ۾ هاڻ ري ايڪشنز ۾ رنگن کي ايڊجسٽ ڪيو ويو آهي جنهن سبب اهي ڪجهه مختلف محسوس ٿي رهيا آهن.
اهي نيون تبدليون فيسبڪ جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ ته دستياب آهن پر ايپ ۾ آندو وينديون.
ڪمپني اهو اشارو به ڏنو آهي ته ايندڙ مهينن ۾ فيسبڪ کي مڪمل طور تي تبديل ڪري سگھجي ٿو ۽ اهي فيچرز جيئن جو تيئن واهپيدارن کي دستياب هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.