سعودي عرب جون اسرائيل سان ويجهڙايون، ايران جو رد عمل

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران صدر سعودي عرب تي فلسطينين کي دوکو ڏيڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت جي موقعي تي هڪ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ فلسطينين کي دوکو ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته صيهوني حڪومت ۽ خطي جي ڪنهن به ملڪ وچ ۾ لاڳاپن جي شروعات جيڪڏهن صيهوني حڪومت لاءِ سلامتي آڻڻ هجي ته يقينن ائين نه ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته علائقائي ملڪن ۽ صيهوني حڪومت وچ ۾ لاڳاپا فسطيني عوام ۽ فلسطين جي پٺ ۾ ڇُرو هڻڻ جي برابر هوندو.
ٻي پاسي آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ شهزادي محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته ايران طرفان سعودي عرب سان لاڳاپن جي بحالي جي معاملي تي سنجيدا قدم کنيا پيا وڃن.
اسرائيل سان سعودي عرب جي لاڳاپن جي حوالي سان سعودي ولي عهد جو چوڻ هو ته اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ طرف اڳڀرائي ٿي رهي آهي، هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اسان ويجهو ايندا پيا وڃون.
آمريڪي ٽيالڪي ۾ ڳالهين جي معطلي جي ترديد ڪندي فلسطين مسئلي کي نظر ۾ رکندي شهزادي محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته اسان لاءِ فلسطين جو معاملو انتهائي اهم آهي، اسان پهريان ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ اسان کي ڏسڻو پوندو ته ان تي ڇا ٿي سگھي ٿو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته اميد آهي ته اسان ڪنهن اهڙي مقام تائين ضرورت پهچنداسين جنهن سان فلسطينين لاءِ زندگي جون ڏکيايون ڪجهه گھٽجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.