پهريون ڀيرو پاڪستاني عورت خلا ۾ ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ پاڪستاني عورت نميرا سليم آڪٽوبر 2023ع ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندي.
هوءَ خلا تائين ويندڙ پهرين پاڪستاني هوندي ۽ اهو آمريڪي ڪمپني ورجن گليڪٽڪ جي نئين مشن سان ممڪن ٿيندو.
گليڪٽڪ 04 نالي مشن 5 آڪٽوبر تي نئين ميڪسيڪو جي اسپيس پورٽ آمريڪا کان روانو ٿيندو.
دبئي ۾ رهندڙ نميرا سليم پهرين پاڪستاني عورت آهي جيڪا اتر قطب (2007) ۽ ڏکڻ قطب (2008) ۾ پاڪستان پرچم لهرائي ڇڪي آهي.
واضح رهي ته ورجين گليڪٽڪ نجون 2022ع جي آخر ۾ پهرين ڪمرشل اڏام خلاف تائين موڪلڻ موڪلڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
پر ان اڏام ۾ عام سياح سوار نه هئا پر اٽلي سان واسطو رکندڙ ماهرن کي خلاف ۾ موڪليو ويو هو.
ان کان پوءِ آگسٽ ۾ ان ڪمپني سياحن لاءِ پهرين خلائي اڏام کي خلاف ۾ روانو ڪيو هو، جڏهن ته سيپٽمبر ۾ به هڪ اڏام سياحن کي خلاف ۾ کڻي وئي هئي.
ان ڪمپني ايندڙ مشن ۾ نميرا سليم به موجود هوندي.
18 سيپٽمبر تي هڪ ايڪس (ٽوئيٽر) پوسٽ ۾ هنن خلائي سفر لاءِ پنهنجي جوش جو اظهار ڪيو هو.
ان مشن ۾ نميرا سليم سميت 3 سياح سفر ڪندا جيڪي ڪمپني جي وي ايس ايس يونٽي اسپيس ڪرافٽ ڪيبن ۾ موجود هوندا.
اها ان ڪمپني جي گڏيل طور تي چوٿين ڪمرشل اڏام هوندي.
واضح رهي ته اها ڪمپني لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان خلاف لاءِ ڪمرشل اڏامن جو سلسلو شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
نميرا سليم ان آمريڪي ڪمپني جي خلائي سياحت لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪندڙ 100 پهرين ماڻهن ۾ شامل آهي.
هن 2006ع ۾ ئي ان سفر لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي هئي ۽ هاڻي وڃي کيس خلا ۾ وڃڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.
واضح رهي ته پاڪستاني حڪومت 2006ع ۾ نميرا سليم کي پهرين پاڪستاني خلاباز قرار ڏنو هو ۽ 2011ع ۾ تمغه امتياز سان نوازيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.