جبل چاڙهو نائلا ڪياني تاريخ رقم ڪري ڇڏي

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ )پاڪستاني عورت جبل چاڙهو نائلا ڪياني هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو، نائلا ڪياني اٺ هزار 163 ميٽر بلند مناسلو سر ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت بڻجي وئي آهي.

نئپال ۾ موجود مائونٽ مناسلو دنيا جي اٺين بلند ترين چوٽي آهي، نائلا گذريل شام ڇهه وڳي ڪئمپ ٽو کان سمٽ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو هو ۽ اڄ صبح سوا 7 وڳي مناسلو جي چوٽيءَ تي پهتي.

نائلا ڪياني اٺ هزار کان بلند نوَ چوٽيون سر ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي، نائلا ان کان اڳ مائونٽ ايوريسٽ، ڪي ٽو، نانگا پربت، جي ون، جي ٽو، انا پورنا، لوٽسي ۽ براڊ پِيڪ سر ڪري چڪي آهي.

نائلا هن سيزن ۾ چين جي چوايو ۽ شيشا پنگما به سر ڪندي، نائلا ڪياني اٺ هزار ميٽر کان بلند تمام 14 چوٽيون سر ڪرڻ جو عزم رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.