ڪراچي (م ڊ) سنڌ پوليس کنڊ، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، آءِ جي سنڌ ڪراچي پوليس چيف، صوبي جي زونل ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي مراسلو موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ايس ايس پيز، انتظاميا ۽ ڪسٽم عملدار گڏيل ناڪا لڳائيندا، آءِ جي سنڌ پنهنجي مراسلي ۾ چيو آهي ته اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتن کي به گڏ رکيو وڃي، ڪسٽم عملدارن کي ڪريڪ ڊائون جي لاءِ پوليس ٽيمون ڏنيون وڃن، ڪاررواين جي رپورٽ روزانو بيناد تي آءِ جي آپريشن روم کي ڏني وڃي.