ورلڊڪپ اسڪواڊ کان سواءِ ٽن اضافي رانديگرن کي به ڀارت موڪلڻ جون تياريون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) ڀارت پنج آڪٽوبر کان ڪرڪيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏي ميلي عالمي ڪپ جي ميزباني ڪرڻ وارو آهي، پر ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اڃا تائين حتمي اسڪواڊ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

آءِ سي سي طرفان 15 نالا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 سپيٽيمبر 2023ع مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ٽيم جي نالن جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.

ٻئي پاسي اطلاع آهن ته قومي ٽيم جي اسڪواڊ ٽيهه کان ٻٽيهه رانديگرن تي ٻڌل هوندي.

آءِ سي سي جي ظابطن موجب، ٽيويهه ماڻهن جو خرچ هو برداشت ڪرڻ جو پابند هوندو، جڏهن ته باقي ماڻهن جا خرچ پي سي بي جي ذمي هوندا.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان موجب، ٽيم سان پندرنهن رانديگرن سان گڏ ٽي اضافي رانديگر به سفر ڪندا، پر ٽيم جي چونڊ ڪرڻ وقت رڳو پندرنهن نالن تي ئي غور ڪيو ويندو.

ٽي اضافي رانديگر سليڪشن لاءِ دستياب نه هوندا، پر ڪنهن انجري جي صورت ۾ آءِ سي سي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي انهن نالن مان ڪنهن کي ٽيم شامل ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهندي.

ترجمان موجب، اضافي رانديگر قومي ٽيم سان گڏ پريڪٽس ته ڪري سگهن ٿا، پر ميچ واري ڏينهن هو هوٽل ۾ رهندا، ۽ کين ڊريسنگ روم تائين پهچ جي اجازت نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.