”نواز شريف چيو گهٻرائڻو ناهي“

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ اڄ عوام کي منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهن رهيا.

لاهور ۾ ن ليگ جي شاگرد تنظيم ايم ايس ايف جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪنهن ساٿ ڏنو هجي يا نه، مون ڏکئي وقت ۾ پنهنجي پيءُ جو ساٿ ناهي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته مون والد (نواز شريف ) کي چئي ڇڏيو هو ته جيڪي ماڻهو مون کي اوهان جي ڪمزوري بڻائڻ چاهين ٿا اُهي ڏسندا ته انشاءَ الله مان اوهان جي طاقت بڻجنديس.

هن چيو ته بيڏوهي هئڻ باوجود اٽڪل ٻه سئو حاضريون ڀوڳيون، والد جي اکين اڳيان مون کي ڪوٽ لکپت مان گرفتار ڪيو ويو ته سندس اکيون اليون ٿي ويون هيون پر هن مون کي نصيحت ڪئي ته گهٻرائڻو ناهي.

مريم نواز چيو ته نواز شريف 21 هين آڪٽوبر تي وطن واپس اچي رهيو آهي، 21 آڪٽوبر جو سج پاڪستان لاءِ نيون اميدون بڻجي اُڀرندو.

هن وڌيڪ چيو ته اوهان نواز شريف جي ڪري ايٽمي طاقت آهيو، مُلڪ جون سموريون رٿائون نواز شريف ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.