پورٽ قاسم تي روسي جهاز پهچي ويا، ملڪ ۾ سستائپ جا امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پورٽ قاسم تي روسي ڪڻڪ جا ٻه جهاز پهچي ويا آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ اٽي جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.

روسي ڪڻڪ جا ٻه جهاز پورٽ قاسم آئوٽر چينل تي پهچي چڪا آهن، اهي جهاز بلغاريا کان پاڪستان پهتا آهن.

روسي جهازن جي پهچڻ کانپوءِ مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جا اگهه ست رپيا في ڪلو گهٽجي هڪ سئو ارڙهن رپيا ڪِلو تائين پهچي ويا آهن.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪڻڪ اچڻ جي ڪري ريٽيل ۾ اٽي جي اگهن ۾ ڏهه رپين تائين گهٽتائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.