ڪراچي(م ڊ)تازو تيل اگهن ۾ وڏي واڌ کانپوءِ ڪراچي ۾ بسن جا ڀاڙا وڌايا ويا، نون ڀاڙن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ بس جو ڀاڙو 30 رپين مان وڌائي 40 رپيا ڪيو ويو آهي.شهر قائد ۾ هلندڙ بسن جي هر اسٽاپ جو ڀاڙو 10 رپيا جڏهن ته پهرين اسٽاپ کان آخري اسٽاپ تائين ڀاڙو 90 رپيا ڪيو ويو آهي.