نگران وزيراعظم جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت

نيويارڪ (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي  جي 78 هين اجلاس ۾ جنرل ڊيبيٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ 78 هين يو اين جي اي اجلاس ۾ جنرل ڊيبيٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي،ان کان اڳ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ پهچي ويو. جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصلر جنرل عامر احمد اتوزئي ۽ ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. اجلاس ۾ اٽڪل 150 عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندڙ پهريون پاڪستاني نگران وزيراعظم هوندو. 19 کان 26 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اڱڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وڏي پئماني تي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.