ملڪ رياض کيرٿر جبل تي به قبضو ڪري ورتو آهي: صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر) بحريا ٽائون ڪيس۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪراچي سينٽرل جيل ان سائيڊ اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ پيش ٿيو ڪورٽ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تي رکي ڇڏي بعد ۾  صنعان قريشي ڪورٽ کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيسن جي پرواھ ناهي، سنڌ جي وجود جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو بهادري سان مقابلو ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ جي قيمتي زمين ملڪ رياض کي غير قانوني طريقي سان سرڪار جي سپورٽ سان مقامي ماڻهن جا کاتا تبديل ڪري ڏنا وڃن پيا، ڪراچي ملير کان پوءِ   ڪوهستان ڄامشورو جي قيمتي زمين تي والار جاري آهي، قديمي ماڳ، مڪان، قبرستان مسمار ڪيا وڃن پيا، کيرٿر جبل تي به ملڪ رياض  قبضو ڪري ورتو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سرڪار کان پوءِ نگران سرڪار به ملڪ رياض جي ساٿاري بڻيل آهي، جنهن سبب وڏي تيزي سان سنڌ جي قيمتي زمين تي قبضا ٿي رهيا آهن، جنهن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ عوامي جدوجهد جي کي جاري رکيو ويندو، هن چيو ته 21 سيپٽمبر تي سکر ڊي آءِ جي آفيس اڳيان پريا ڪماري  جي اغوا ۽ سنڌ ۾ لاقانونيت خلاف تاريخي احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.