اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ قيدين جي پروبيشن تي آزادي جي قانون تي فوري عملدرآمد جو حڪم ڏيندي پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته وزيراعظم ۽ وڏا وزير قيدين جي پروبيشن تي آزادي جي قانون کي فعال ڪرڻ کي يقيني بڻائين. عدالت پنهنجي تحريري فيصلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پروبيشن تي آزادي جي اهل قيدين جي آزادي يقيني بڻائڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله اڱاري ڏينهن هتي ان حوالي سان پنجن صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ جي جيلن ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدين جو هئڻ سبب آئيني حقن جي فراهمي ناممڪن ٿي چڪي آهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي، ته جيلن ۾ قيد سهولتن جي اڻاٺ جو شڪار ماڻهن جي اڪثريت غريبن جي آهي جڏهن ته غريب ماڻهن کي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي ۾ رياست پڻ ڪردار ادا ناهي ڪري رهي. فوجداري نظام باثر ماڻهن هٿان ڪمزور طبقن جي استحصال ۽ انصاف جي عدم فراهمي جي اجازت ڏئي ٿو. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته آئين تحت هلندڙ معاشره ۾ جيلن جي اهڙي حالت برداشت جوڳي ناهي.