بصرن جي صحت بابت فائدن جي هاڻي ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي، شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جنهن کي بصرن جي صحت بابت خبر نه هجي، اسان به بصرن جا وار ڇڻڻ سميت صحت لاءِ ڪيترائي فائدا ٻڌائي چڪا آهيون. پر اڄ اسان اوهانکي بصرن نه پر انهن جي کلن جي اهڙي حيران ڪندڙ فائدن بابت ٻڌائينداسين جن بابت ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. ان سان گڏ اهو به ٻڌائينداسين ته انهن کَلن کي استعمال ڪيئن ڪجي.
هڪ آمريڪي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته جتي بصرن ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ اسان جي صحت تي هاڪاري اثر ڇڏيندا آهن اتي انهن جي کَلن ۾ موجود وٽامن سي ۽ اينٽي انفلاميٽري خاصيتون به مختلف بيمارين جي حل لاءِ مددگار ثابت ٿينديون آهن. اڻويهه سئو ايڪيتالهه ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ ماهر ايڊي ولسن ٻڌايو هو ته بصرن جي کَلن کي ساڙي مختلف بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، اڄ اسان ٻڌائينداسين ته بصرن جي کَلن کي ساڙي ڪهڙا فائدا ماڻي سگهجن ٿا.
بدهضمي ته هر ڪنهن جو عام مسئلو هوندي آهي، ڪيترائي ماڻهو بدهضمي جي ڪري مختلف دوائن جو استعمال ڪندا آهن اهڙي ماڻهن لاءِ بصرن جون کَلون ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن، بصرن کي کلن کي ساڙي انهن ۾ هڪ چمچو ماکي جو وجهي کائڻ کانپوءِ ان جي مٿان هلڪو گرم پاڻي پيئجي ته اهو عمل هاضمي کي فوري طور تي بهتر ڪندو آهي.
چمڙي تي زخم ٿيڻ جي صورت ۾ بصرن کي کَلن کي ساڙي انهن زخمن تي لڳائي پٽي ٻڌي ڇڏجي. هڪ کان ٻه ڪلاڪ تائين اهي زخمي تي ٻڌل ڇڏڻ سان چمڙي جي زخمن کي ٿوري ئي ڏينهن ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو.
جيڪڏهن توهان کي چيلهه ۽ ڪلهن ۾ سور آهي ته بصرن جون سڙيل کَلون اوهان لاءِ ئي آهن، بصرن جي کَلن کي ساڙي سرنهن جي تيل ۾ ملائي ان تيل جي مالش ڪرڻ سان چيلهه، ڪلهه ۽ پُٽي جي سور مان به جند ڇڏائي سگهجي ٿي.
جسم ۾ ڪنهن به جاءِ تي فنگس هجي ته بصرن جو سڙيل کلون انتهائي فائديمند ثابت ٿينديون آهن، ان لاءِ بصرن کلن کي ساڙي انهن کي منٽ آئل ۾ گڏائي فنگس واري حصي تي لڳائجي ته ان ۾ موجود سڄو گند فوري طور تي نڪري ختم ٿي ويندو ۽ توهان کي سڪون ملندو، جڏهن ته اهو نسخو اينٽي بيڪٽيريل پڻ هوندو آهي.
بصرن ۾ فلا وي نوائڊ نالي هڪ جز موجود هوندو آهي جنهن ۾ اينٽي ايڪني خاصيتون هجن ٿيون، ايڪني جي مسئلي جو شڪار ماڻهو جيڪڏهن بصرن جي کلن کي ساڙي انهن کي گلاب جي عرق ۾ وجهي پوءِ ايڪني واري جاءِ تي استعمال ڪن ته ان سان انهن جي چمڙي ٿوري ڪرندي ته صحيح پر ايڪني مان تڪڙي ۽ هميشه لاءِ جند ڇُٽي ويندي.