اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس ڏنڊ جي شرح ۾ 200 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي.
نئين شرح سان ڏنڊ پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندو، ٽريفڪ ڀڃڪڙين جي 32 ڪوڊ جي جوابدارن جي شرح مقرر ڪئي وئي آهي، جن ۾ 7 نين ٽريفڪ ڀڃڪڙين جا ڪوڊ به شامل ڪيا ويا آهن.
ڏنڊ وڌائڻ جو فيصلو نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
ڏنڊ ۾ واڌ جي حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تيز رفتاري تي ڏنڊ 750 مان وڌائي 2500 رپيا ۽ اوور ٽيڪ ڪرڻ تي ڏنڊ 300 مان وڌائي 1500 رپيا ڪيو ويو.
رات جو موٽر وي تي سفر ڪرڻ لاءِ خراب لائيٽن تي ڏنڊ 500 مان وڌائي 5 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته غفلت ۽ لاپرواهي تي ڏنڊ 300 مان وڌائي 1500 رپيا ۽ بنا لائسنس گاڏي هلائڻ تي ڏنڊ 750 مان وڌائي 5 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت رجسٽريشن بنا گاڏي هلائڻ تي ڏنڊ 500 مان وڌائي 2 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.
Next Post
You might also like