ڪراچي ۾ ٻار گم يا اغوا ٿيڻ جي واقعن ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻارن جي گم ۽ اغوا ٿيڻ جي وڌندڙ واقعن سان خوف جي لهر پيدا ٿي وئي.
انگن اکرن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي ۾ 8 مهينن دوران 1599 ٻار گم يا اغوا ٿيا، جن مان هڪ هزار 81 کي آزاد ڪرايو ويو پر 518 جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو.
گذريل سال ٻارن جي گم ۽ اغوا ٿيڻ جا ڪُل هڪ هزار 64 واقعا رپورٽ ٿيا هئا، جن مان 209 جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو.
ان حوالي سان ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند موقف ڏنو ته ان معاملي تي گذريل 3 کان 4 سالن ۾ ڪو ڪريڪ ڊائون نه ٿيو، اسان تمام جلد فقيرن خلاف به ڪارروائي شروع ڪري رهيا آهيون.
هن نشاندهي ڪندي چيو ته وڏيون اسپتالون انتظامي کوٽ سبب اهڙن واقعن جو شڪار بڻجنديون آهن، عوام کي اپيل آهي ته پنهنجي ڀرپاسي اهڙا واقعا ڏسو ته فور طور لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.