ممبئي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا شهناز گل پرڏيهي ملڪ ۾ ليجنڊري اداڪارا انيل ڪپور جا گڻ ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا.
48 هين انٽرنيشنل ٽورنٽو فلم فيسٽيول ۾ ٿينڪ يو فار ڪمنگ فلم جي فل ڪاسٽ کي سٺي موٽ ملي.
ان دوران پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي شهناز گل جو چوڻ هو ته آئون سچ ٻڌايان ته مون کي ان فلم جو اسڪرپٽ گھڻو سٺو لڳندو هو ۽ پوءِ جڏهن ريها ڪپور، ايڪتا ڪپور ۽ انيل ڪپور سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعي مليو ته ڪير اهو موقعو ڇڏيندو اڄ چوان ٿي ته اداڪارا طور انيل ڪپور سان گڏ ويهڻ ئي مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
ان وڊيو جي مقبوليت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ان کي 670 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏسي ورتو آهي.
واضح رهي ته ٿينڪ يو فار ڪمنگ ۾ شهناز گِل، ڀومي پڊنيڪر، انيل ڪپور، ڪوشا ڪپيلا ۽ شباني بيدي مرڪزي ڪردار نڀائيندي نظر ايندا.
هي به ڏسي سگهو ٿا.