اروشي ۽ نسيم شاهه جي وچ ۾ ٻي اداڪارا اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي خوبصورت فاسٽ بالر نسيم شاهه جي معصوميت ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا اروشي روٽيلا بعد هڪ ٻي ڀارتي اداڪارا کي وڻي وئي آهي.

ڀارتي اداڪارا ايشا شاهه هڪ انٽرويو دوران نسيم شاهه ذاتي طور تي ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.

ايشيا ڪپ 2023 رڳو دلچسپ ڪرڪيٽ ميچز جو سلسلو نه هو جنهن تي ڳالهيون هلي رهيون آهن پر اهو لڳي ٿو ته دلين جو معاملو به هو.

هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي فاسٽ بالر نسيم شاهه جي هاڪ لڳي پئي آهي.

اداڪارا ايشا شاهه نسيم شاهه بابت پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سندس چوڻ هو ته نسيم شاهه کيس سٺو لڳندو آهي، هو هندستان ۾ به سوشل ميڊيا ريلز تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.

ياد رهي ته اها ئي اداڪارا آهي جنهن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ نسيم شاهه بابت چيو هو ته خدا ٺاهيو ته ڇا ٺاهيو، نسيم شاهه ٺاهيو.
هي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.