اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ڊويلپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) رحيم يار خان مان گئس جا وڏا ذخيرا هٿ ڪري ورتا.
ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب رحيم يار خان ۾ چڪ 214-1 ايڪسپلوريٽر کوهه مان گئس جا وڏا ذخيرا هٿ آيا آهن.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪمپني 29 جون 2023 تي کوهه ۾ 1851 ميٽرن تائين کوٽائي ڪئي، ان کوهه مان روز 11 لک مڪعب فٽ گئس جي پيداوار حاصل ٿيندي.
You might also like