دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽين ليگ ۾ فڪسنگ جي ڪوشش تي ايڪشن وٺندي 8 ڄڻن کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ميچ فڪسنگ الزام هيٺ اٺن ڄڻن کي عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٽيم مالڪَ، ڪوچز ۽ رانديگر شامل آهن.
آءِ سي سي پڌرائي موجب، معطل ڪيل ماڻهن ابوظهبي ٽي ٽين ليگ 2021ع ۾ ميچز فڪس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
آءِ سي سي پاران سمورن ماڻهن کي 14 ڏينهن اندر الزامن جا جواب جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
آءِ سي سي موجب، پراگ سانگهوي تي ميچز جي جي نتيجن تي جوا کيڏڻ ۽ جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ جو الزام آهي، اشعر زيدي تي فڪسنگ ۾ شموليت ۽ ان تي ورغلائڻ سميت ٽي الزام آهن، جڏهن ته ناصر حسين تي ست سئو ڊالرز جي ماليت جو تحفو رپورٽ نه ڪرڻ جو الزام آهي.