لاهور ۾ شڪي مزاج مڙس اليڪٽرڪ راڊ سان زال جا نازڪ عضوا ساڙي ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي نواب ٽائون ۾ شڪي مزاج مڙس پنهنجي ماءُ سان گڏجي مبينا طور اليڪٽرڪ راڊ سان گهرواري جا نازڪ عضوا ساڙي ڇڏيا.
پوليس موجب جوابدار کي پنهنجي گهرواري جي ڪردار تي شڪ هو، هن پنهنجي ماءُ سان گڏجي اڳ ۾ زال کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ ڪمري ۾ واڙي اليڪٽرڪ راڊ سان سندس جسم جا ڪجهه حصا ساڙي ڇڏيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته چئن ٻارن جي ماءُ کي جناح اسپتال نيو ويو آهي.
هوڏانهن پوليس 5 ڏينهن کانپوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.