سنڌ جي تعليم کاتي ۾ انڌير نگري، ماسترياڻي کي سال ۾ 3 ڀيرا ويم جون موڪلون ڏنيون ويون

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهري فيروز ۾ ماسترياڻي کي هڪ سال ۾ ٽي ڀيرا ويم جون موڪلون ڏنيون ويون.
سنڌ جي تعليم کاتي ماسترياڻي کي سال ۾ 3 ڀيرا معموعي طور تي 195 موڪلون ڏيڻ تي وضاحت طلب ڪري ورتي.
ڊائريڪٽر ايجوڪيشن بينظير آباد نصير جوڳي اڳوڻي ڊي اي او پرائمري کان وضاحت طلب ڪئي ۽ نوٽيس ۾ چيو آهي ته هڪ سال ۾ 195 ڏينهن ويم لاءِ ۽ طبي موڪلون ڏيڻ سنگين غفلت آهي.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ٽن ڏينهن ۾ جواب ڏيو، ٻي صورت ۾ محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي.
نصير جوڳي وڌيڪ چيو ته اڳوڻي ڊي اي او پرائمري ۽ ماسترياڻي کي به طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.