ميدان کان خاندان تائين، هڪٻئي جا مٽ بڻجندڙ ڪرڪيٽر!

ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ملن ٿا جن ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان کان ويندي رشتن ۾ به رانديگرن پاران ڪرڪيٽر گهراڻن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

انهيءَ حوالي سان پيش آهي هي رپورٽ

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي نياڻي انشاءَ ۽ نوجوان فاسٽ بالر شاهين شاهه جي شادي جي خبرن جتي ڪٿي چرچو آهي.

شاهد آفريدي ۽ شاهين شاهه جو تعلق پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخوا سان آهي، ٻنهي رانديگرن ۾ هاڻي رشتو ساٿي رانديگر، سينيئر ۽ جونيئر ڪرڪيٽر مان هڪ وک اڳتي وڌندي خانداني احترام ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، هي رشتو انڪري به انوکو آهي جو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سهرو ۽ ناٺي هڪ ئي وقت ڪرڪيٽ فليڊ ۾ متحرڪ ناهن رهيا،  شاهد آفريدي ۽ شاهين آفريدي ٻئي پاڪستان سُپر ليگ جو حصو رهي چڪا آهن.

پاڪستان جي ليجنڊر ليگ اسپنر عبدالقادر پنهنجي ڌيءُ جو سڱ هڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽر کي ڏنو هو، عبدالقار جو ناٺي ڪو ٻيو نه پر اڪمل خاندان جو سپوت عمر اڪمل آهي.

ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي ئي وڏي ڀاءُ ڪامران اڪمل جي به شادي هڪ ڪرڪيٽر خاندان ۾ ٿيل آهي، اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد الياس سندس سهرو آهي، محمد الياس جي ٻيو نمبر نياڻي جي شادي هڪ ٻئي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمران فرحت سان ٿيل آهي، اهڙي ريت عمران فرحت ۽ ڪامران اڪمل هڪٻئي جا سنڍو  ۽ محمد الياس سندن سهرو آهي.

اڳوڻي ڪپتان عمران خان جي ڪپتاني واري دور ۾ منصور اختر کي ٽيم جو ضرروي حصو سمجهيو ويندو هو، هن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ته ڪيئي رڪارڊ ٺاهيا پر عالمي مقابلن ۾ کيس اها ڪاميابي نه ملي سگهي، منصور اختر جي نياڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر فواد عالم جي گهرواري آهي.

اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر سليم ملڪ ۽ اعجاز احمد ڪيئي ميچن ۾قومي ٽيم جي فتح اهم ڪردار ادا ڪيو، سليم ملڪ ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي قيادت به ڪئي، پر هتي اِها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته سليم ملڪ ۽ اعجاز احمد جون گهرواريون سڳيون ڀينر ۽ ٻئي رانديگر هڪٻئي سان سنڍو آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور بيٽر سعيد انور عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، اڳوڻو فاسٽ بالر سرفراز نواز سندس ڀيڻيو هو، سرفراز نواز بعد ۾ پهرين گهرواري شگفته کي ڇڏي فلم اسٽار راني سان شادي ڪئي هئي.

ڪرڪيٽرن جو ڪرڪيٽ خاندان ۾ شادي ڪرڻ رڳو پاڪستان تائين محدود ناهي، سموري دنيا ۾ اهڙا کوڙ مثال ملن ٿا.

ان ڏس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ ليجنڊري بيٽر سنيل گواسڪر جي ڀيڻ ڪويتا جي شادي ڪرڪيٽر گنڊپا وشوناٿ سان ٿي هئي، ان کانسواءِ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سيد ڪرماڻي پنهنجي نياڻي لاءِ سيد عابد علي جي پٽ جو رشتو قبول ڪيو هو.

بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفيق الرحيم ۽ آل رائونڊر محمود الله به ڪرڪيٽ جي ميدان کان هڪٻئي جا مٽ بڻيا، مشفيق الرحيم جي ڀيڻ جي شادي محمود الله سان ٿي ۽ ائين هو ٻئي پنهنجي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ  سان گڏوگڏ هڪٻئي سان مائٽ به بڻجي ويا.

انگلش بيٽر مارڪ بچر جو شمار اهڙي ڪرڪيٽرن ۾ ٿيندو هو جن رٽائرمينٽ کانپوءِ پنهنجي تبصرن ذريعي شهرت حاصل ڪئي.

ڪنهن  وقت هو اڳوڻي انگلش رانديگر مڪي اسٽورٽ جو ناٺي ۽ اڳوڻي انگلش ڪپتان ايلڪ اسٽورٽ جو ڀيڻيو رهي چڪو هو.

ڪجهه ڪرڪيٽرن پنهنجي جيون ساٿي جي چونڊ لاءِ سرحدون به اورانگهي ڇڏيون هيون ان حوالي سان  آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪوچ ڊيرن ليمن جي شادي انگلش ڪرڪيٽر گريگ وائٽ جي ڀيڻ اينڊريا سان ٿي.

نيوزيلينڊ جي جارحاڻي بيٽر نيٿن آسٽل ۽ گريگ مِڪ ڪيئي ميچن ۾ نه رڳو ڪيوي ٽيم کي فتح ڏياري پر هڪ موقعي تي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين ڊبل سنيچري جو رڪارڊ به نيٿن آسٽل وٽ ئي هو، ٻنهي رانديگرن جون شاديون ٻن ڀينرن سان ٿيون ۽ ان  حساب سان ٻئي هڪٻئي سان سنڍو ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.