ورلڊ ڪپ کان اڳ وڏا فيصلا ٿيندا

قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ايشيا ڪپ ۾ ناڪامي کانپوءِ اهم فيصلا ڪيا آهن ۽ اسڪواڊ ۾ به ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان ڏسون ٿا هي وڊيو

ڀارت ۾ پنج آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي پندرنهن رُڪني اسڪواڊ جي چونڊ ڏُکئي ۽ مشڪل مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ڪپتان بابر اعظم ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق ايشيا ڪپ ۾ ناڪامي کانپوءِ پهريون ڀيرو چونڊيل اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ٻنهي کي ان ڳالهه جو شدت سان اندازو آهي ته ڀارت ۾ عالمي ڪپ رزلٽ ڏيڻ لاءِ رانديگرن جي مٽاسٽا ضروري آهي.

هوڏانهن انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ رُڌل پي سي بي ڊائريڪٽر آف ڪرڪيٽ مڪي آرٿر ظاهر طور ان سڄي سليڪشن مرحلي کان ڪوهين ڏور نظر اچي رهيو آهي.

ذريعن موجب، ايشيا ڪپ ۾ بُري طرح فلاپ ٿيل پاڪستاني ٽيم جي اسڪواڊ ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث، اسپنر اساما مير، فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر ۽ آل رائونڊر فهيم اشرف جو ڪيس گهڻو ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ سندس عالمي ڪپ ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.

تازا ترين اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي آل رائونڊر حسن علي ۽ ليگ اسپنر ابرار احمد جي نالن جا ڪڻا نڪرندي نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته مسلسل آئوٽ آف فارم رهندڙ نائب ڪپتان شاداب خان ۽ اوپنر فخر زمان جي سليڪشن تي خدشا ضرور آهن پر سندس اسڪواڊ مان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان نه آهي.

ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ جا امڪاني رانديگر هي ٿي سگهن ٿا، بابر اعظم ڪپتان، امام الحق، فخر زمان، عبدالله شفيق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، سعود شڪيل، محمد رضوان، ابرار احمد، محمد نواز، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، حسن علي ۽ زمان خان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.