ڀارتي ٽيم جي بالر محمد سراج جي به ڏاڍي ڏکن واري ڪهاڻي آهي، سندس پيءُ رڪشو هلائيندو هو ۽ اڄ هي شخص ايشيئن چيمپيئن بڻجي ويو آهي.
ان حوالي سان اسان جي اسپورٽس اوهان جي وڊيو شيئر ڪريون ٿا.
ايشيا ڪپ جي فائنل ميچ ۾ سريلنڪن بيٽنگ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيندڙ ڀارتي بالر محمد سراج جي شاندار بالنگ ڪرڪيٽ جي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، ڀارت کي اٺون ڀيرو ايشيائي ڪرڪيٽ جو حڪمران بڻائڻ ۾ محمد سراج اهم ڪردار رهيو ۽ فائنل ۾ پليئر آف ميچ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڪولمبو ۾ سريلنڪن بيٽرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندڙ محمد سراج 21 رنسن عيوض ڇهه شڪار ڪيا هئا.
پر محمد سراج ڪير آهي ۽ سندس ڪرڪيٽ سفر ڪٿان شروع ٿيو هن رپورٽ ۾ اسان اوهان کي اِهو سڀ ٻڌائينداسين
1984 ۾ ڀارتي شهر حيدرآباد دکن ۾ جنم وٺندڙ محمد سراج جو ننڍپڻ انتهائي تنگدستي ۾ گذريو، محمد سراج جو والد حيدرآباد ۾ رڪشا هلائيندو هو ۽ سندس امڙ مختلف گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي.
سراج 2015ع جي رنجي ٽرافي ۾ پنهنجي ٽيم جي نمائندگي ڪندي مخالف بيٽرن خلاف پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا جنهن بعد دُنيا جي سڀ کان مهانگي ليگ آءِ پي ايل جي ڊرافٽس ۾ سندس نالو آيو.
محمد سراج گهٽ عرصي پاڻ مڃائي ورتو ۽ اِهو ئي سبب هو جو 2017 ع واري آءِ پي ايل جي آڪشن ۾ سن رائزز حيدرآباد ۽ رائل چئلينجر بئنگلور جي ٽيمن کيس خريدڻ لاءِ پرڪشش ٻولين جون آڇون ڪيون ۽ نيٺ حيدرآباد جي ٽيم محمد سراج کي 13 ڀيرا وڌيڪ قيمت ادا ڪري اڍائي ڪروڙ ڀارتي رُپين خريد ڪري ورتو.
محمد سراج چار نومبر 2017ع ۾ راجڪوٽ جي ميدان ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڀارتي ٽيم لاءِ انٽرنيشنل ڊيبيو ڪيو.
محمد سراج 2019ع ۾ آسٽريليا خلاف ون ڊي ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي جڏهن ته 2020ع ۾ آسٽريليا خلاف ئي پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي.
محمد سراج جنهن هڪ ئي خواب ڏٺو هو ته هو پنهنجي والدين کي حيدرآباد جي سوڙهين گهٽين بدران هڪ عاليشان گهر ۾ رهائيندو اڄ سندس خواب ساڀيان جو روپ وٺي چڪو آهي.
ماءُ پيءُ جي دعائن ۽ سندس محنت رنگ لاتو ۽ محمد سراج ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ اهڙي ڪاردگي ڏيکاري جنهن ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سندس نالو سدائين لاءِ امر ڪري ڇڏيو.