زمان خان قومي ٽيم تائين جو سفر ڪيئن طئي ڪيو؟

هر ماڻهو وڏي محنت ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن منزل تي پهچندو آهي ۽ زمان خان به ٽيم ۾ پهچڻ لاءِ ڏکيو سفر ڪيو آهي.

 ايشيا ڪپ سُپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا خلاف آخري اوور هلائيندڙ نوجوان فاسٽ بالر زمان جا اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي چرچا آهن ۽ ان ڏس۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان به زمان خان جي ڪرڪيٽ جي شروعاتي ڏينهن ۽ زندگي جي لاهن چاڙهن تي ٻڌل هڪ وڊيو شيئر وئي آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل وڊيو انٽرويوءَ ۾ ڪرڪيٽر ٻڌايو ته هن ننڍپڻ پنهنجي والد ۽ ڀائرن سان گڏ محنت مزدوري ڪئي آهي ۽ سرن جي بٺي تي سرن ڍوئڻ جو به ڪم ڪيو.

آزاد ڪشمير ۾ ڪرڪيٽ جي سهولتن جي کوٽ هئڻ باوجود اڄ زمان خان سخت محنت ۽ قابليت جي بنياد تي پاڪستان جي قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. پر زمان خان جي ڪرڪيٽ جي شروعات جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ رهي آهي، سندس چوڻ آهي ته هڪ دفعي هو ڳوٺ جي گرائونڊ ۾ ڇوڪرن کي ڪرڪيٽ کيڏندو ڏسي وٽن لڙي ويو ۽ ساڻن ڪرڪيٽ جي خواهش ظاهر ڪئي.

زمان خان کي پنهنجي پهرين ئي ڏينهن بالنگ جو موقعو مليو پر هن 12 وائيڊ بال هلايا ۽ وري ٻئي ڏينهن وڌيڪ تيز رفتار سان بالنگ ڪئي ته هڪ به وائيڊ بال نه ڪيو، اتان کان سندس فاسٽ بالر بڻجڻ جو سفر شروع ٿيو.

زمان خان جي ڪرڪيٽ سان محبت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هو بيمار ٿيڻ تي مدرسي مان ته موڪل وٺي ايندو هو پر ڪرڪيٽ کيڏڻ کان نه مڙندو هو.

 زمان خان ميرپور ۾ انڊر 16 جي ٽرائل ۾ حصو ورتو، جتي سندس تيز بالنگ ڏسي سڀ دنگ رهجي ويا ۽ هو سليڪٽ ٿي ويو، خاندان طرفان مالي سپورٽ نه هئڻ باوجود هن محنت جاري رکي ۽ پاڪستان انڊر 16 لاءِ آسٽريليا جو دورو ڪندڙ پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪيون.

زمان خان جڏهن پهريون ڀيرو پاڪستان سُپر ليگ ۾ پرفارم ڪيو ته ايونٽ جي بهترين اُڀرندڙ رانديگر جو اعزاز ماڻيو ۽ اتان کان هُن قومي ٽيم لاءِ کيڏڻ جا خواب نيڻن منجهه سجائي ورتا. زمان قومي سليڪٽرن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ سخت محنت ڪئي ۽ علائقائي ڪرڪيٽ ۾ هڪٻئي پٺيان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري.

زمان خان سدائين پاڪستان لاءِ انٽرنيشل ڪرڪيٽ کيڏڻ جا خواب ڏٺا، هن جو سدائين اِهو مقصد رهيوته عالمي ليول تي مُلڪ جو نالو روشن ڪري، پنهنجي علائقي ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي ٺاهڻ جو ارادو رکندڙ زمان خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان کوڙ اهڙو ٽيلنٽ آهي جيڪو سهولتون ۽ موقعو نه ملڻ سبب ضائع ٿي وڃي ٿو هو انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو جيئن هو به سندس جيان مُلڪ لاءِ خدمتون انجام ڏئي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.